ٽه کوهي

ٽه- کوهي: سنڌي ڀرت جو هڪ قسم. هن ڀرت کي ”هرمچ“ سڏبو آهي. جيئن ته هيءُ ڀرت ٽسانگي اکر وانگر ڀريو ويندو آهي، تنهنڪري ٿوري بدليل نالي ”ٽه- کوهي“ سان به سڏيو وڃي ٿو. ٽه- کوهيءَ جي ڀرت ڀرڻ لاءِ، سڀ کان پهريائين ”گهوڙي“ ڀري ويندي آهي. اها گهوڙي ٻن اُڀن ”ستن“ جي انگن واري شڪل ۾ ٿئي، يا ائين کڻي چئجي ته ٽسانگي خاڪي جهڙي نموني گهوڙي تيار ڪرڻ بعد، ٻنهي ڪنارن تي چورس خانا ٺاهيا وڃن ٿا، جن کي ”ڀڳڙو“ ڀرت سڏين ٿا. اهڙيءَ طرح انهيءَ ڀڳڙي واري ڀرت کي پڪو ڪيو ويندو آهي. پڪي ڪرڻ سان ٽن ڪنڊن وارا خانا ٺهيو پون، جن کي ”ٽه- کوهي“ ڀرت سڏين.


لفظ ٽه کوهيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو


ڀرت - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٽه کوهي
تڪمو
ٽڪ واري رلي
ڀرت ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون